ڄام محمد عرف انڙ

ڄام محمد عرف انڙ: ڄام محمد عرف انڙ (سڪندر شاهه ثاني)1453ع ۾، ڄام مبارڪ خان کان پوءِ سنڌ جي ڄامن سمن جي خاندان جو چوڏهون بادشاهه بنيو. هن ڏيڍ سال حڪومت ڪئي. سندس حڪومت ڪئي. سندس حڪومت 1454ع ۾ پوري ٿي. ننڍي عمر ۾ بادشاهه بنيو هو، ان ڪري بکر ۽ سيوهڻ جي مقامي حاڪمن هن جي مخالفت ڪئي. ان پس منظر ۾ ڄام سڪندر وڏي فوج سان اتر سنڌ روانو ٿيو. ٺٽي ۾ مبارڪ خان شورش ڪئي تڏهن هي بکر ۽ سيوهڻ جي علمدران سان ٺاهه ڪري ٺٽي موٽي آيو. مئنگلور ڪاٺياواڙ جو عالم مولوي علاؤالدين ان وقت ٺٽي ۾ موجود هو. مولانا صاحب هڪ عربي درسي ڪتاب ’شمھ في الميزان‘ جي آسان شرح ’الزبدة‘ جي نالي سان تيار ڪئي ۽ ان کي ڄام سڪندر جي نالي سان منسـوب ڪـيـو. هـي ڪـتاب پوءِ گهڻـو وقـت سـنـڌ ۽ گـجـرات جـي نـصـاب ۾ شـامل رهـيـو. ڪـنهن وقـت هن ڪتاب جو قلمي نسخو، سنڌ يونيورسٽي مرڪزي ڪتـب خاني ۾ مـوجـود هــو. ليـڪـن هـن وقـت اهـو نـسخـو گـم ٿي چڪو آهي.


لفظ ڄام محمد عرف انڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو